اسلام آباد – 03 مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ميڊيا ورڪرز جي لاءِ محفوظ ۽ سازگار ماحول جوڙڻ ذريعي اظهار راءِ جي آزادي کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، صحافت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ?? مملڪتي وزير چيو ته صحافت جي عالمي ڏينهن کي اسان آزاد صحافت جي عزم سان ملهائي رهيا آهيون، اسان جو هي قومي يقين آهي ته آزاد ۽ متحرڪ ميڊيا نه رڳو معاشري ۾ امن ۽ انصاف جي لاءِ ضروري آهي پر هي گڏيل قومن طرفان پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ ۾ به مددگار آهي جيڪا دنيا ۾ هڪ ذميدار ملڪ جي حيثيت سان اسان جي ذميداري آهي.
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن