گڏيل قومون-15 نومبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن کي ٻڌايو آهي ته غزه ۾ فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) کي بند ڪرڻ لاءِ اسرائيلي ق??نونسازي لکين فلسطينين کي ا??راتفري ۾ ڌڪي ڇڏيندي، عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو غزه ۾ فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي ا??م لائف لائن يو اين آر ڊبليو اي جي ڀرپور حمايت ڪري. گڏيل قومن ۾ پاڪستان مشن ۾ فرسٽ سيڪريٽري ا??صر شاهه گذريل ڏينهن جنرل اسيمبلي جي پوليٽيڪل اينڊ ڊي ڪالونائيزيشن بابت چوٿين ڪميٽي ۾ بحث دوران چيو ته اسرائيل طرفان يو اين آر ڊبليو اي خلاف پروپيگنڊا ۽ ان جي ا??دادي سرگرمين کان روڪڻ گهرجي ۽ اسان کي ا?? ڳالهه کي يقيني بنائڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن ته يو اين آر ڊبليو اي فعال رهي ۽ پنهنجي مينڊيٽ موجب انساني همدردي جي ڪمن کي سرانجام ڏي. پاڪستاني نمائيندي ا??صر شاهه چيو ته عالمي برادري کي فلسطيني عوام جي ا??يد ۽ وقار کي بحال ڪرڻ لاءِ انصاف، انساني حقن، بين الاقوامي ق??نون جي اصولن کي برقرار رکڻ گهرجي، هن چيو ته پاڪستان يو اين آر ڊبليو اي جي ا??دادي ڪاررواين کي ختم ڪرڻ جي اسرائيلي ڪوششن جي مذمت ڪ??ي. ??اڪستاني نمائندي لکين فلسطينين لاءِ سنگين خدشن کي اجاگر ڪيو ته اسرائيلي ق??من سان ضروري عوامي خدمتن جهڙوڪ تعليم، صحت ۽ سماجي مدد ختم ٿي وينديون جن تي سندن زندگي جو دارومدار آهي. هن چيو ته غزه جي سموري آبادي کي خدشو آهي ته ان جي واحد لائف لائين ختم ڪئي ويندي. ميمبر ملڪن جي مداخلت کانسواءِ يو اين آر ڊبليو اي بند ٿي ويندو جنهن سان لکين فلسطيني ا??راتفري ۾ هليا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته فلسطيني عوام جي پڪار جو جواب ڏيڻو پوندو. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن عالمي برادري چارٽر ۽ عالمي ق??نونن جي پاسداري لاءِ ٺوس قدم نه کنيا ته گڏيل قومن جي چارٽر جي بنياد تي ٺاهيل عالمي نظام تباهه ٿي سگهي ٿو. هن فلسطينن لاءِ پاڪستان جي مستقل حمايت ۽ ان جي خود ارادي?? واري حق جو ورجاءُ ڪندي چيوته عالمي برادري کي فلسطيني برادري جي ا??يد ۽ وقار جي بحالي لاءِ انصاف، انساني حقن ۽ عالمي ق??نونن جي اصولن کي برقرار رکڻ گهرجي.
اسرائيل کي يو اين آر ڊبليو اي خلاف پروپيگنڊا ۽ ان جي امدادي سرگرمين تي پابندي کان روڪڻ گهرجي: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت