قاهره-19 آڪٽوبر (اي پي پي) مصر غزه ۾ اسرائيلي ب??با??ي کان متاثر فلسطينين لاءِ امداد کڻي ويندڙ 20 ٽرڪن کي رفح ڪراسنگ کولڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي. برطانوي اخبار جي رپورٽ موجب مصر جي صدارتي ترجمان احمد فهمي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مصر جي ??در عبدالفتاح السيسي ۽ آمريڪي ??در جوبائيڊن رفح ٽرمينل ذريعي غزه جي پٽي ۾ انساني ??مداد جي پائيدار فراهمي تي اتفاق ڪيو آهي. آمريڪي ??در جوبائيڊن ان کان اڳ غزه ڪراسنگ کولڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ هاڻي مصر ان جي تصديق ڪئي آهي ته غزه جي پٽي تائين انساني ??مداد رفح ڪراسنگ ذريعي گذريندي. ٻنهي اڳواڻن ۾ ٿيل ڳالهين کانپوءِ هڪ بيان ۾ چيو ويو هو ته هي امداد ٻنهي ملڪن جي لاڳپايل عملدارن آمريڪا جي نگراني هيٺ عالمي انساني ??قن جي گروپن سان تعاون سان فراهم ڪندا. آمريڪي ??در جوبائينڊن رستن جي مرمت جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته امداد جي کيپ کڻي ويندڙ ٽرڪ ممڪن طور اڄ تائين سرحد پار نه ڪري سگهندا، هن ٻڌايو ته هن وقت رفح ڪراسنگ کان غزه ويندڙ رستن جي مرمت ڪئي پئي وڃي ۽ ان تي ب??با??ي سبب وڏا کڏا پئجي ويا آهن جيڪي ڀريا پيا وڃن ۽ شايد اڄ جمعي تائين هن روڊ کي سفر جي قابل بڻائي سگهجي.
مصر رفح ڪراسنگ کولڻ تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي، 20 ٽرڪ امدادي سامان جي کيپ کڻي اڄ جمعي تي غزه پهچندا
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena