غزه – 24 نومبر (اي پي پي) غزه جي سڀني کان وڏي اسپتال الشفا جي سربراهه ۽ ٻئي طبي عملي کي اس??ائيلي فوج حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي. سعودي سڌ سماءُ وارن ذريعن مطابق الشفا اسپتال جي هڪ شعبي جي سربراهه خالد ابوسمرا ٻڌا??و ته ڊاڪٽر محمد ابو سلميا کي ڪيترن ئي سينيئر ڊاڪٽرز سان گڏ گرفتار ڪيو ويو آهي. حماس جي انتظام هيٺ صحت واري وزارت جي اختيارين تصديق ڪئي آهي ته الشفا اسپتال جي ڊائريڪٽر، هڪ ڊاڪٽر ۽ نرسنگ اسٽاف جي ٻ?? ماڻهن کي اس??ائيلي فوج گرفتار ڪري ورتو آهي. حماس هڪ بيان ۾ ڊاڪٽر محمد ابو سليما ۽ طبي عملي جي ٻي?? ماڻهن جي گرفتاري جي مذمت ڪندي ريڊ ڪراس جي بين الاقوامي ڪميٽي ۽ ٻين عالمي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته هو کين فوري آزادي لاءِ ڪوششون ڪن.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام