گڏيل قومون- 6 فيبروري(اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو ??وت??رس اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي وفات تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گڏيل قومن جي ترجمان سٽيفن ڊوجارڪ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل قومن جي سربراهه کي صدر مشرف جي وفات جي خبر ٻڌي ڏک ٿيو آهي ۽ هو مرحوم پرويز مشرف جي گهرو??رن ۽ پاڪستاني عوام سان تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اڳوڻي صدر مشرف هڪ نازڪ وقت ۾ پاڪستان جي قيادت ڪئي جنهن جي دوران ۾ ملڪ مستحڪم اقتصادي ترقي ڏٺي. پرويز مشرف ڊگهي علالت بعد آچر ڏينهن دبئي ۾ وفا?? ڪري ويو هو.
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون